مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي

مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي

مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي

سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي: مشھور عوامي شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ولد سيد امام الله شاهه، 26 نومبر 1939ع تي ديهه ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين (تڏهن ضلعو حيدرآباد) ۾ پيدا ٿيو. هن شاعريءَ جي ابتدا 1953ع کان 14 سالن جي ڄمار کان ڪئي. سندس پهريون ڪافي لاڙ پٽ جي مشهور فنڪار اسحاق ڪارو مڱڻهار ڳايو، اها محفل ڏاڏاهي صاحب جن جي اوطاق تي ٿي هئي ۽ ان محلف ۾ ڏاڏاهي صاحب جا والد صاحب سائين امام الله شاهه پڻ موجود هئا، پر انهن کي به اها خبر ڪونه هئي ته ڪو اهو ڪلام سندن ئي فرزند سيد مرتضيٰ ڏاڏاهيءَ جو لکيل آهي. ان ڪلام جا ٻول ’انتظاري ۾ گذاري زندگي ساري اٿم‘ هئا، جيڪو وقت جو مشهور آئٽم نڪتو. ڏاڏهي صاحب جي شاعريءَ ۾ رهنمائي مشهور شاعر، محمد خان غنيءَ ڪئي، جيڪو وقت جو بهترين شاعر ۽ علم عروض جو ڄاڻو هو. جڏهن ته پاڻ سنڌي، اردو، فارسي ۽ انگريزي جي تعليم گهر ۾ ئي پنهنجي والد صاحب کان حاصل ڪيائون. مرتضيٰ ڏاڏاهي ريڊيو ۽ ٽي. ويءَ جو مقبول شاعر آهي. سندس ڪيترو ئي ڪلام سنڌ جي ننڍن وڏن فنڪارن جھڙوڪ: عابده پروين، ڍول فقير، ماسٽر محمد ابراهيم، جلال چانڊيي، سرمد سنڌي، مائي ڀاڳي، چاڪر چانڊيي، ڦوٽي زرداري، فيروز گل، سليمان شاهه سميت ٻين ڪيترن ريڊيو ۽ ٽي. وي تي ڳايو آهي. سندس ڪلام کي پير حسام الدين راشدي، طالب الموليٰ ۽ جي. ايم. سيد کان وٺي عام ماڻهن تائين پسند ڪيو ويو. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي جي شاعريءَ ۾ استعمال ٿيل ٻولي نهايت ئي سليس، ڳوٺاڻي ۽ دلپذير آهي. مرتضيٰ ڏاڏاهي مزاحيه شاعري به ڪئي ۽ مزاحيه ڪالم به مختلف عنوانن سان روزاني هلالِ پاڪستان ۽ ٻين اخبارن ۽ رسالن ۾ به لکيا. هيءُ صحافت سان به وابسته رهيو. مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ سندس شاعري، ڪالم ۽ مضمون وغيره شايع ٿيل آهن. هن بزم مرتضيٰ، وتايو فقير يادگار ڪميٽي، ڏاڏاهي ادبي تنظيم ۽ پريس ڪلب ٽنڊي الهيار جو بنياد رکيو. بزمِ طالب الموليٰ سميت ڪيترين ئي ادبي ۽ سماجي تنظيمن سان وابسته پڻ رهيا. سندن ڇپيل ڪتابن ۾: (1) زهر و زم زم (شاعري) 1984ع، (2) تون پارس آءٌ لوهه (شاعري) 1994ع، (3) سهڻا سرها گل (حمديه، نعتيه ۽ دعائيه ڪلام) 1996ع، (4) مان ذرو تون ماهتاب (شاعري) 2011ع، (6) نه هِن پاسي نه هُن پاسي (مزاحيه ڪالم) 2016ع، (7) ڏاڏهيءَ جا ڏوهه هزار (شاعري) 2017ع ۽ (چڱو ٿيو اوهان کي به وسري وياسين (ڪافيون) 2019ع شامل آهن. جڏهن ته سندن شخصيت تي مختلف ليکڪن جا ليک ايم حنيف لغاري ۽ جاويد مرتضيٰ ڏاڏاهي سهيڙي ’ٿورا نه ٿورا‘ (2015ع) مجموعي جي صورت ۾ سهيڙي 2015ع ۾ پڌرو ڪيو. ڏاڏاهي صاحب کي ادبي ۽ صحافتي خدمتن عيوض ڪيترائي اوارڊ ۽ سرٽيفڪيٽ مليا، جن ۾: ‘سهڻي ميهار گولڊ ميڊل’، ‘نئين زندگي گولڊن جوبلي اوارڊ’، ‘قلندر شهباز اوارڊ’، سنڌ ماڻڪ موتي تنظيم طرفان ‘بهترين شاعر جو اوارڊ’، ‘مهراڻ ڪلچرل اوارڊ’، ‘ريڊيو پاڪستان حيدرآباد اوارڊ’، ‘سنڌي ادبي سنگت ٽنڊوالهيار اوارڊ’، ’ڍول فقير اوارڊ‘. سميت ٻيا ڪيترائي اوارڊ شامل آهن. جڏهن ته 1992ع ۾ ٽنڊي الهيار ۾ سندن تاجپوشي ڪري سونو تاج به پارايو ويو هو ان کان علاوه کين پاڪستان جو وڏي ۾ وڏو قومي ايوارڊ ’تمغهءِ حُسنِ ڪارڪردگي‘ 23 مارچ 2018ع ۾ ڏنو ويو. پاڻ ڪيترين ئي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي انجمنن ۽ تنظيمن جا سرپرست، صدر ۽ ميمبر رهيا. سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي 15 فيبروري 2021ع تي وفات ڪئي، سندن آخري آرامگاهه ٽنڊوالهيار ۾ ريلوي اسٽيشن جي ڀر ۾ واقع آهي.


لفظ مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهيھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1939.11.26  عيسوي

ناليوارو شاعر سيد مرتضيٰ ڏاڏاهي ولد سيد امام الله شاهه، 26 نومبر 1939ع تي ڏاڏاهه، تعلقي ٽنڊي باگي، ضلعي بدين ۾ پيدا ٿيو.


2021.02.15  عيسوي

سيد مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي 15 فيبروري 2021ع تي وفات ڪئي.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

ڪوثر ٻرڙو
سرويچ سجاولي
الطاف عباسي
پرسرام مشتري ڀاٽيا
درگاهي ميراڻي
صوفي شرف الدين شرف
پنهور مير حاجن مير
الماس سنڌو
سنتل
چانڊيو نظام الدين
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون